اطلاعات واري وزارت پاران پرڪشش پگهارن تي ٽن ڀرتين جي منظوري

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وزارت ۾ ڳري معاوضي ۽ اسپيشل پي اسڪيل تي 3 ڀرتيون ڪيون ويون آھن جن جي وزيراعظم شهباز شريف منظوري ڏئي ڇڏي آھي.

وزيراعظم اطلاعات واري وزارت ۾ اسپيشل پي اسڪيل تحت 3 ڀرتين جي منظوري ڏني، محمد زيبان سيد کي هڪ سال لاءِ بطور هيڊ آف مارڪيٽنگ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته طيب حميد کي هڪ سال لاءِ بطور هيڊ آف ڊيٽا مقرر ڪيو ويو آهي ۽ عبدالله کرل کي به هڪ سال لاءِ بطور هيڊ آف اسٽريٽيجي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو