پي ٽي آءِ جي مرڪزي آفيس تي ڇاپو، ترجمان رئوف حسن گرفتار

سلام آباد ( ويب ڊيسڪ )اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي ترجمان رئوف حسن جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي.
اسلام آباد پوليس موجب، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ثبوتن جي بنياد تي پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ۾ قائم ڊجيٽل ميڊيا سيل جي مرڪزي آفيس تي ڇاپو هنيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو ڊجيٽل ميڊيا مرڪز انٽرنيشنل ڊِس انفارميشن جو مرڪز بڻيل هو ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان مخالف مهم هتان کان هلرائي پئي وئي، ڊجيٽل ميڊيا سيل ۾ پاڪستان مخالف ۽ ملڪي سالميت خلاف پروپئنگنڊا مهم هلي رهي هئي.
پوليس موجب، پاڪستان مخالف پروپئگنڊا ۾ سڌي ريت ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ ڊجيٽل ميڊيا سيل مان سمورا ثبوت هٿ ڪري ورتا ويا آهن، رئوف حسن جي نگراني ۾ ڊجيٽل ميڊيا سيل هلايو پئي ويو جنهن کانپوءِ رئوف حسن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته پوليس سيڪريٽريٽ مان ڪمپيوٽر سميت ٻيو سامان به ضبط ڪري ورتو آهي.

پنھنجي راءِ لکو