پاڪستان پاران قونصل خاني تي شرپسندن جي حملي جي شديد مذمت

اڪستان جرمني ۾ پنهنجي قونصليٽ تي شرپسندن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ويانا ڪنوينشن تحت قونصل خانن جي سڪيورٽي ميزبان حڪومت جي ذميواري آهي، سفارتڪارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي ذميواري به ميزبان حڪومت تي هوندي آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن جي واقعي بعد فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصل خاني جي سيڪيورٽي کي خطرو آهي، جرمن حڪومت کي چيو آهي ته ويانا ڪنوينشن تحت پاڪستاني سفارتي مشنز ۽ عملي جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن افغانين جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصليٽ تي حملو ڪري پٿر اڇلائي جهنڊي جي بي حرمتي ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو