اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت جي نواز شريف سان ملاقات،ايمرجنسي لاءِ 10 ڏينهن اهم؟

اسلام آباد؛ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي گذريل هفتي نٿيا گلي مري ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت سان ملاقات ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ موجوده صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويا، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ کي مخصوص سيٽن جي عدالتي فيصلي جي اڳواٽ ئي خبر هئي، نوازشريف ان عدالتي فيصلي تي خدشن جو اظهار ڪيو، نوازشريف جو چوڻ هو ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جي تناظر ۾ حڪومت جيڪي فيصلا ڪيا آهن ان سان سندس پارٽي غيرمقبول ٿي رهي آهي، عوام ڪاوڙيل آهي ايستائين جو ن ليگ جو ڪارڪن به پريشان آهي، نوازشريف اهو به چيو ته 2013ع ۾ جڏهن ن ليگ جي حڪومت آئي تڏهن به اسان خلاف ان طرح جون سازشون ڪيون ويون هاڻي به اهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن، جڊيشل ايڪٽوازم شروع ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن سياست ۽ عدليه ڏانهن ڏسجي ته پوءِ معيشت ٺيڪ نٿي ٿي سگهي، ان ڪري فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا ڪرڻو آهي يا پوءِ ن ليگ حڪومت ڇڏي ڏئي پوءِ جيڪي حڪومت هلائن، ذريعن موجب ان ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ن ليگ جي حڪومت پنهنجو سمورو ڌيان معيشت تي ڏيندي، جڏهن ته اسٽيبشلمينٽ عدليه ۽ پي ٽي آءِ جي معاملن کي سنڀاليندي، ان حوالي سان ايندڙ 8 کان 10 ڏينهن انتهائي اهم آهن، ايمرجنسي لڳائڻ جي صورت ۾ سمورن آئيني ۽ قانوني پهلوئن کي به حتمي شڪل ڏني وئي آهي، جيستائين ايمرجنسي لاڳو هوندي تيستائين عدالتون ان کي رد قرار نٿيون ڏئي سگهن، ان ملاقات کانپوءِ ڪجهه سخت ۽مشڪل فيصلا ڪيا ويندا. ٻئي پاسي ڪالهه لاهور ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ خصوصي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سولر پينل فنانسنگ اسڪيم سميت اهم معاملن تي غور ويڇار ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته فيصلا ڪندڙن کي هاڻ سوچڻو پوندو، ملڪ سان سٺو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي، ترقي ڪندڙ ملڪ کي کڏ ۾ ڪيرايو ويو. نوازشريف چيو ته اسان آءِ ايم ايف کي واپس اماڻي ڇڏيو هو، بعد ۾ انهن کي ڪنهن آندو هو؟ سڀني کي خبر آهي، عوام جي پرواهه ڪري، عوام جي رليف لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پوي اهو ڪريو، بجلي جو بل هر هڪ لاءِ مصيبت بڻجي چڪو آهي.

پنھنجي راءِ لکو