مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم، اليڪشن ڪميشن مان وڏي خبر اچي وئي

سلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي قانوني ٽيم کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪنهن نڪتي تي عملدرآمد ۾ رنڊڪ آهي ته اِها فوري ان جي نشاندهي ڪري ته جيئن وڌيڪ رهنمائي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، اليڪشن ڪميشن جي هيڊ آفيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدآمد جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو.
ترجمان چيو ته اجلاس ۾ مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو .
اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن هڪ سياسي پارٽي طرفان بنا جواز تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ ڪميشن استعيفيٰ جي مطالبي کي کِل جوڳو قرار ڏنو.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته ڪميشن ڪنهن به قسم جي دٻاءُ اچڻ بدران آئين ۽ قانون پٽاندڙ ڪم ڪندو رهندو .
ترجمان موجب، اليڪش ڪميشن ڪنهن به فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي درست قرار ناهي ڏنو، مختلف فورمز اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکيو ڇوته پي ٽي آءِ جا انٽرا پارٽي اليڪشن درست نه هئا جنهن جي نتيجي ۾ بئٽ وارو نشان واپس ورتو ويو تنهنڪري اليڪشن ڪميشن تي الزام تراشي انتهائي نامناسب آهي.
ترجمان موجب، قومي اسيمبليءَ جي جن 39 ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو قرار ڏنو ويو، هنهن پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي سان وابستگي ظاهر ڪئي هئي جڏهن ته ڪنهن به پارٽي جو اميدوار ٿيڻ لاءِ پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊڪليئريشن ريٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائڻ ضروري آهي جيڪا ڄاڻايل اميدوارن جمع نه ڪرائي هئي انڪري ريٽرننگ آفيسر لاءِ اِهو ممڪن نه هو ته هو انهن کي پي ٽي آءِ جو اميدوار ڊڪليئر ڪري.
ترجمان چيو ته جن 41 اميدوارن کي آزاد ڊڪليئر ڪيو ويو انهن نه ته پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ جو ذڪر ڪيو نه پارٽي سان وابستگي ظاهر ڪئي نه ئي ڪنهن پارٽي جي ٽڪيٽ جمع ڪرائي انڪري ريٽرننگ آفيسرن انهن کي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني، اليڪش کٽڻ کانپوءِ قانون تحت ٽن ڏينهن اندر ميمبرن رضاڪاراڻي طور سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل، اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي، سني اتحاد ڪائونسل جي اِها اپيل رد ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ان ڪيس ۾ نه ته اليڪشن ڪميشن ۾ ڌر هئي نه ئي پشاور هاءِ ڪورٽ جي آڏو ڌر هئي نه ئي سپريم ڪورٽ ۾ ڌر هئي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي سٽيون پي ٽي آءِ کي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن خلاف ن ليگ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي

پنھنجي راءِ لکو