9 مئي ڪيسَ: عمران خان کي وڊيو لنڪ يا ذاتي حيثيت ۾ پيش ڪيو وڃي عدالت

اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانتن جي 6 ۽ بشريٰ بي بي جي هڪ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
پي ٽي آءِ باني تي ترنول ٿاڻي ۾ ٻه، رمنا، سيڪريٽريٽ، ڪوهسار ۽ ڪراچي ڪمپني ٿاڻن ۾ هڪ، هڪ ڪيس داخل آهي جڏهن ته بشريٰ بي بي خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ توشا خانا جعلي رسيدن جو ڪيس داخل آهي.
عمران خان خلاف جعلي رسيدن جو هڪ ۽ 9 مئي واقعن جا پنج ڪيس داخل آهن.
پي ٽي آءِ وڪيل خالد يوسف چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته بئريسٽر سلمان صفدر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس ۾ رڌل آهي، ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وڃي.
ٻڌڻي دوران جج افضل مجوڪا رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪلد ٻڌڻي مقرر نه ٿي ڪري سگهجي، ٻڌڻي موڪلن کان پوءِ سپٽيمبر تائين ملتوي ٿيندي، جنهن تي خالد يوسف چيو ته ايندڙ هفتي ٻڌڻي رکو، بئريسٽر سلمان صفدر کي دليل ڏيڻا آهن، جج افضل مجوڪا جواب ڏنو ته ايندڙ هفتي ته ڪافي سارا ڪيس آهن.
سيشن جج افضل مجوڪا اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي وڊيو لنڪ يا ذاتي حيثيت ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواستن تي دليل طلب ڪندي ايندڙ ٻڌڻي30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پنھنجي راءِ لکو