گرميءَ جي شدت ۾ واڌ، طبي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) طبي ماهرن گرميءَ جي شدت سان گڏ مختلف انفيڪشنز جي وڌندڙ خطري کان خبردار ڪيو آهي.
طبي ماهرن موجب، گرمي جي شدت وڌندي ئي مختلف انفيڪشنز ڪر کڻڻ لڳندا آهن جنهن کان بچڻ لاءِ شهري ٻاهر جا کاڌا کائڻ ۽ شربت واپرائڻ کان پاسو ڪن ۽ پاڻي ڪاڙهي پيئن.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته غير معياري شربتن ۽ کاڌا کائڻ سان معدي جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن، شهري غير ضرروي طور گهر کان ٻاهر نه نڪرن، هلڪي رنگ جا ڍرا ڪپڙا پائين، ٻاهر نڪرڻ وقت مٿو ڍڪي ڇڏين.
ماهرن موجب، صبح 11 کان منجهند 3 وڳي تائين پاڻ کي اُس جي تپش کان محفوظ رکو، پاڻي، او آر ايس جو استعمال لوڻياٺ جي کوٽ کان بچائي سگهي ٿو.

پنھنجي راءِ لکو