چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت قانون واري وزير جو اهم بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سندس نظر ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرري ٿيڻ گهرجي ۽ آئين به ايڊهاڪ ججن جي مقرريءَ جي اجازت ڏئي ٿو .
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي قانون واري وزير چيو ته ايڊهاڪ ججز چيف جسٽس نه پر جڊيشل ڪميشن کي مقرر ڪرڻا آهن، جڊيشل ڪميشن جي سڌارن لاءِ آئيني ترميم جي حق ۾ آهيان.
چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت سوال جي جواب ۾ قانون واري وزير چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ملازمت جي مدي ۾ واريون خبرون درست نه آهن، پينشن بل وڌيڪ هئڻ سبب سرڪاري ملازمن ملازمت واري مدي ۾ واڌ واري بحث جنم ورتو .
سندس چوڻ هو سموري دنيا ۾ سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر جي حد ۾ وڌائي وئي آهي، پينشن جي مد ۾ حڪومت کي ڳري رقم ادا ڪرڻي پوندي آهي، جڊيشري سميت سمورن سرڪاري ملازمن جي مدي ۾ واڌ جي تجويز غور هيٺ هئي، آئين ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي.
سينيٽر اعظم نذير چيو ته اپريل جي آخر يا مئي جي شروعات ۾ چيف جسٽس کان جڊيشل ڪميشن جي اجلاس بابت ٿي هئي، ان وقت چيف جسٽس جي ملازمت ۾ واڌ وارو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو هو، چيف جسٽس چيو ته ملازمت جي مدي ۾ واڌ ۾ دلچسپي ناهي.
هن چيو ته چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي تجويز بابت جسٽس منصور علي شاهه متفق هو، ان موقعي تي جسٽس منصور علي شاهه چيو هو ته چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي.
وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي سان هڪ پارٽي کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو، اٺ ججن مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ آئين ري رائيٽ ڪيو، جن ايم اين ايز کي ٻڌڻ بنا گهر موڪليو ويو اِهي به ريويو ۾ اچي رهيا آهن.
هڪ سوال جي جواب قانون واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن تي آرٽيڪل ڇهه لڳائڻ وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اُٿاري سگهجي ٿو، تحريڪِ انصاف بي اعتمادي رٿ تي اجلاس طلب نه ڪري رهي هئي، بي اعتماد رٿ بابت اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويو.

پنھنجي راءِ لکو