والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي حملو،4 فوجي مارجي ويا، 6 زخمي

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا 4 سپاهي مارجي ويا جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب ڀارتي فوج تي ضلعي ڪٺوعا ۾ حملو ٿيو، ڀارتي فوج جي گاڏي کي بمن ۽ فائرنگ جو نشانو بڻايو ويو.
حملي ۾ 4 ڀارتي فوجي مارجي ويا جڏهن 6 ڄڻا زخمي ٿيا، زخمين مان ٻن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
حملي بعد ڀارتي فوج علائقي کي ڪڙو چاڙهي وڏي پيماني تي تلاشي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

پنھنجي راءِ لکو