روس ۾ سخت گرمي، پاڻي ۾ وهنجندي 49 ڄڻا ٻڏي فوت

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ۾ گرمي سبب پاڻي ۾ وهنجندي 7 ٻارن سميت 49 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا.
روس ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڻي ۾ ٻڏڻ جا 65 واقعا رپورٽ ٿيا، جن ۾ ڪُل 49 ڄڻا فوت ٿي ويا.
گذريل سال ساڳئي ڏينهن روس ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ جا 10 واقعا رپورٽ ٿيا هئا، گذريل هفتي ماسڪو ۾ 1917 جو گرمي جو رڪارڊ ٽٽي ويو ۽ گرمي پد 35 ڊگري کان وڌي ويو هو

پنھنجي راءِ لکو