ايران جي صدارتي چونڊن ۾ مسعود پزشڪيان ميدان ماري ورتو

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي صدارتي چونڊن ۾ مسعود پزشڪيان ڪاميابي ماڻي ورتي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ايراني صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ( رف آف ) ۾ اصلاح پسند اميدوار مسعود پزشڪيان هڪ ڪروڙ 63 لک ووٽ حاصل ڪري نئون صدر چونڊجي ويو جڏهن ته سندس مخالف اميدوار سعيد جليلي کي هڪ ڪروڙ 35 لک ووٽ مليا.
ايراني گهرو وزارت مسعود پزشڪيان جي فتح جو اعلان ڪندي چيو ته مسعود پزشڪيان اڪثريتي ووٽ حاصل ڪيا آهن.
پنهنجي وڪٽري اسپيچ ۾ پزشڪيان چيو ته اسان سڀ هن ملڪ جا شهري آهيون ۽ اسان سڀني ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌائينداسين.
ٻئي پاسي مخالف اميدوار سعيد جليلي شڪست کانپوءِ چيو ته جنهن کي عوام چونڊيو آهي ان جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ پوري قوت سان سندس ( پزشڪيان ) جي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو مضبوطيءَ سان اڳتي وڌي

پنھنجي راءِ لکو