ڀارت ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽي ورتو

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ساهه سڪائيندڙ فائنل ۾ ڀارت ڏکڻ آفريقا کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
برج ٽائون ۾ ڀارتي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون.
ڀارت طرفان ويرات ڪوهلي 76 رنسن جي اننگز کيڏي، اڪشر پٽيل 47، شيوم دوبي 27 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ڏکڻ آفريقا جي ڪيشو مهاراج ۽ اينرچ نورجي 2-2، مارڪو جانسن ۽ ڪگيسو ربادا هڪ – هڪ وڪيٽ حاصل ڪري وتي.
جواب ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهي سگهي، هينرچ ڪلاسن 27 بالن تي 52 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، ڊي ڪوڪ 39، سٽبس 31، ڊيوڊ ملر 21 رنسون ٺاهيون.

پنھنجي راءِ لکو