موجودا آمريڪي صدر ۽ اڳوڻي صدر وچ ۾ پهريون صدارتي مباحثو، هڪٻئي تي سنگين الزام

جو بائيڊن ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ صدارتي مباحثو رياست جارجيا جي شهر اٽلانٽا ۾ ٿيو.
صدارتي مباحثي جي شروعات ۾ بائيڊن چيو ته جڏهن مون صدارت سنڀالي ته معيشت تمام خراب هئي.
هن چيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ملازمتن ۾ واڌ ٿئي ۽ گهرن جي خريداري سولي بڻجي.
بائيڊن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٽرمپ واحد صدر آهي جنهن جي دور ۾ ملازمتون گهٽيون.
هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ جي ٽيڪس ڇوٽ مان رڳو اميرن کي فائدو ٿيو آهي.
اڳوڻي صدر ٽرمپ چيو ته دنيا منهنجي دور ۾ معيشت جي حالت کي ساراهيو.
ٽرمپ چيو ته جهڙي نموني اسان ڪووڊ دوران صورتحال سنڀالي ان جو ڪريڊٽ اسان کي نه ڏنو ويو.
هڪ سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۾ هزارين مهاجر اچڻ سان سوشل سيڪيورٽي سسٽم تباهه ٿي ويندو.
ٽرمپ چيو ته مان به افغانستان مان نڪري رهيو هيس پر جهڙي نموني بائيڊن ڪيو اهو آمريڪي تاريخ جو شرمناڪ واقعو هو.
سندس چوڻ هو ته ڪمپنين ۽ اميرن کي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ سان وڌيڪ نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ ان جو فائدو هيٺئين طبقي کي ٿيندو

پنھنجي راءِ لکو