پاڪستان پنهنجي پهرين شارڪ ٽينڪ شو جي ميزباني لاءِ تيار

گرينلٽ اسٽوڊيوز طرفان فرنچائز حاصل ڪرڻ بعد ملڪ جي ڪاروباري صلاحيتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڀارت وانگي ”شارڪ ٽينڪ“ جي ميزباني لاءِ تياري آهي.
شارڪ ٽينڪ جو مقصد خواهشمند ڪاروباري ماڻهن کي بااختيار بڻائي انهن جي بزنس آئيڊياز کي سيڙپڪارن تائين پهچائڻ لاءِ فنڊنگ محفوظ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي.
شارڪ ٽينڪ جي شروعات جاپان 2001 ۾ جاپان جي پروگرام ”پيسي جا ٽائيگرز“ جي نالي سان ٿي هئي، جنهن بعد کيس برطانيا ۾ ”ڊريگنز ڊين“ 2005 ۽ آمريڪا ۾ ”شارڪ ٽينڪ“ 2009 طور تي آندو ويو هو.
مشهور ڪاروباري شو کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نشر ڪيو ويو هو، جنهن جو 50 هون ايڊيشن تازو ئي 2022ع بنگلاديش ۾ نشر ٿيو هو.
گرينلٽ اسٽوڊيو جي سي اي او عثمان ملڪ ان حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان شارڪ ٽينڪ جي يادگار ڪاميابي ۽ عالمي اپيل کي پاڪستان ۾ آڻڻ تي وڌيڪ خوش آهيون.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سوني پڪچرز ٽيلي وزن سان گڏ اهو تعاون نه صرف گرينلٽ اسٽوڊيوز لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي نشاندهي ڪندو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ شارڪ ٽينڪ ۾ ست مقامي سيڙپڪارن جو هڪ پينل پيش ڪيو ويندو، جنهن کي ”شارڪ“ به ڪيو ويندو آهي، اهو شارڪ اڀرندڙ ڪاروباري ماڻهن جو فيصلو ڪندو

پنھنجي راءِ لکو