ورلڊ ڪپ: ٻئي سيمي فائنل ۾ برسات جي اڳڪٿي، ميچ نه ٿي ته ڀارت فائنل ۾ پهچي ويندو

گيانا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا ٻئي سيمي فائنلز سڀاڻي کيڏيا ويندا.
ٽورنامينٽ جو پهريون سيمي فائنل افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽرينڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي برائن لارا اسٽيڊيم ۾پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي پنجين وڳي کيڏيو ويندو.
عالمي ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل سڀاڻي گيانا دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندو.
مقامي موسميات کاتي طرفان ويسٽ انڊيز ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي ۽ عالمي ڪپ جي سيمي فائنلز ۾ به برسات پنهنجو اثر ڏيکاري سگهي ٿي.
ان ڏس ۾ آءِ سي سي ٻنهي سيمي فائنلز لاءِ ڌار ڌار رولز ٺاهيا آهن.
افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميچ ۾ برسات ٿي ته سيمي فائنل ٻئي ڏينهن مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڀارت ۽ انگلينڊ جو سيمي فائنل برسات سبب نه ٿي سگهيو ته ڀارت فائنل ۾ پهچي ويندو ۽ ان مقابلي لاءِ ريزرو ڊي ناهي رکيو ويو.
ٻيو سيمي فائنل برسات سبب رد ٿيڻ جي صورت ۾ ڀارت بنا کيڏڻ جي فائنل ۾ ڪيئن پهچندو؟
ڀارت ۽ انگلينڊ جي سيمي فائنل ميچ لاءِ ريزرو ڊي بدران 250 منٽن جو واڌو وقت هوندو، ميچ رد ٿيڻ جي صورت ۾ ڀارت سپر ايٽ مرحلي ۾ گروپ ون ۾ پهرين پوزيشن جي بنياد تي فائنل ۾ پهچي ويندو.
واضح رهي ته گروپ ون ۾ ڀارت لاڳيتو ٽنهي ميچن ۾ ڪاميابي کانپوءِ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي جڏهن ته انگلينڊ جو گروپ ٽو ۾ چئن پوائنٽس سان ٻيو نمبر هو.
برسات باوجود ڀارت ۽ انگلينڊ جي سيمي فائنل لاءِ ريزرو ڊي ڇو ناهي رکيو ويو ؟
پهرئين سيمي فائنل لاءِ ريزرو ڊي ۽ ٻئي سيمي فائنل لاءِ ريزرو ڊي نه رکڻ جو اهم ڪارڻ ٻنهي ميچن جو وقت آهي.
پهريون سيمي فائنل ميچ ڊي نائٽ ميچ آهي جيڪا 26 جون تي مقامي وقت موجب رات ساڍي اٺين وڳي شروع ٿيندي جڏهن ته گيانا ۾ ڀارت ۽ انگلينڊ جو سيمي فائنل ڊي ميچ آهي جيڪو 27 جون تي مقامي وقت موجب صبح ساڍي ڏهين وڳي شروع ٿيندو.
28 جون تي فائنل ۾ پهچندڙ ٽيمون باربيڊوس لاءِ اُڏام ڀرينديون جتي 29 جون تي ٽورنامينٽ جو آخري دنگل شيڊيول آهي.
جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا ۽ افغانستان جي سيمي فائنل مقابلي ۾ برسات خلل وڌو ته اِهو 27 جون يعني ريزرو ڊي تي مڪمل ڪيو ويندو.
پر 28 جون ٽريول ڊي هئڻ سبب 27 جون تي ڀارت ۽ انگلينڊ جو سيمي فائنل ان ئي ڏينهن مڪمل ڪرڻو پوندو ۽ انڪري آءِ سي سي پاران سيمي فائنل لاءِ اضافي 250 منٽ مختص ڪيا ويا آهن.
گيانا ۾ 27 جون جي صبح کان شام چئن وڳي تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، امڪان آهي ته آءِ سي سي طرفان واڌو وقت ۾ ميچ مڪمل ڪئي ويندي.
پر ان باوجود به جيڪڏهن ميچ مڪمل نه ٿي سگهي ته پوءِ سپر ايٽ مرحلي جي ٽاپ پوزيشن واري ٽيم يعني ڀارتي ٽيم ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ پهچي ويندي.
هوڏانهن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنلز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو.
پهرئين سيمي فائنل لاءِ رچرڊ الينگ ورٿ ۽ نتن مينن آن فيلڊ امپائر هوندا جڏهن ته رچرڊ ڪئٽلبرو ٽي وي امپائر ۽ احسن رضا فورٿ امپائر جون ذميواريون نڀائيندو.
ان ميچ ۾ ڪرس گيفني ۽ روڊني ٽڪر آن فيلڊ امپائر هوندا جڏهن ته جوئل ولسن ٽي وي امپائر ۽ پال رائفل فورٿ امپائر جون ذميواريون سرانجام ڏيندو

پنھنجي راءِ لکو