سائنسدانن انساني چهرن جهڙا روبوٽس تيار ڪري ورتا

سائنسدانن طرفان گهڻي وقت کان روبوٽس کي انسانن جهڙو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
پر روبوٽس تي انسان جهڙي حقيقي جلد استعمال ڪرڻ جو عمل ڪيترو ڊپ واري ٿي سگهي ٿو، انهي جو اوهان تصور به نه ڪيو هوندو.
جرنل سيل رپورٽس فزيڪل سائنس ۾ شايع ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾ انهي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته جاپاني سائنسدانن انساني جلدي خليات جي استعمال سان ربورٽس جي جلد تيار ڪئي، جن جون تصويرون ڪنهن کي به ڊڄائي سگهن ٿيون.
اهڙي تحقيق جو مقصد روبوٽس جي چهرن تي انسانن جهڙي مسڪراهٽ ۽ تاثر کي اجاگر ڪرڻ هوندو آهي.
ٽوڪيو يونيورسٽي جي ماهرن جا تيار ڪيل روبوٽس انسانن جهڙا نظر ته ناهن ايندا پر سائنسدانن موجب هنن حقيقت ۾ نظر ايندڙ روبوٽس جي تياري ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي.
هنن چيو آهي ته اهي اهڙا روبوٽس هوندا، جن جي جلد پاڻمرادي طور تي پنهنجي مرمت ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هوندي.
سندن چوڻ هو ته انهي ٽيڪنالاجي کي حقيقي شڪل ڏيڻ ۾ ڪجهه سال لڳي سگهن ٿا، ڇو ته اڃا روبوٽس جي چهرن تي انسانن جهڙا تاثر اڀارڻ ڪنهن چيلينج کان گهٽ ناهن.

پنھنجي راءِ لکو