افغانستان کي شڪست، ڏکڻ آفريڪا پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2024 جي پهرئين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا افغانستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي برائن لارا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. افغانستان جي پوري ٽيم يارهن ڏهائي 5 اوورن ۾ 56 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڏکڻ آفريڪا 57 رنسن جو هدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي اٺ ڏهائي پنج اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
رضا هينڊرڪس 29 ۽ ڪپتان ايڊن مارڪرام 23 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 5 رنسون ٺاهي فضل حق فاروقي جي هٿان آئوٽ ٿيو.
ان کان اڳ افغانستان جي بيٽنگ لائن اپ ڏکڻ آفريڪا جي سامهون بيهي نه سگهي، ڪو به بيٽسمين ڏکڻ آفريڪي بالرن کي منهن نه ڏئي سگهيو.
افغانستان جا 3 رانديگر رحمان الله گربز، محمد نبي ۽ نور احمد بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا جڏهن ته عظمت الله عمرزئي کانسواءِ ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو.
ابراهيم زدران 2، گلبدين نايب 9، عظمت الله عمرزئي 10، خيروت 2، ڪريم جنت ۽ ڪپتان راشد خان 8، 8 جڏهن ته نوين الحق ۽ فضل الحق فاروقي 2، 2 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان مارڪو جينسن ۽ تبريز شمسي 3، 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ڪيگيسو ربادا ۽ اينريچ نورجي 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
مارڪو جينسن کي شاندار بالنگ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ميچ ۾ رچرڊ ايلنگ ورٿ ۽ نتن مينن آن فيلڊ امپائر هئا، جڏهن ته رچرڊ ڪيٽلبرو ٽي وي امپائر ۽ احسن رضا چوٿون امپائر هو.
واضح رهي ته افغانستان سپر 8 مرحلي ۾ ايونٽ جي خطرناڪ ٽيم کي هارائي ڇڏيو هو.
ان کانپوءِ افغانستان جي ٽيم ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت بنگلاديش کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ڏکڻ آفريڪي ٽيم 2009 ۽ 2014 ۾ سيمي فائنل کيڏي هئي پر ان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

پنھنجي راءِ لکو