فلاحي اسپتالن کي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ).
سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪميٽي خيراتي ۽ فلاحي اسپتالن تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي حمايت ڪئي.
سليم مانڊوي والا چيو ته هڪ ٽرسٽي اسپتال 20 لکن جو بل ادا ڪرڻ تائين مڙهه وارثن کي نه ڏنو، جيڪڏهن حڪومت ٽيڪس ڇوٽ ڏيندي رهي آهي ته انهن اسپتالن جي آڊٽ به ڪري.
فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ٽرسٽ اسپتالن ڊاڪٽرن به ويهاريا آهن، جيڪي ڳري فيس وٺندا آهن ۽ ٽرسٽ جي نالي تي انهن جون ليبارٽريون ڳري فيس چارج ڪنديون آهن.
اجلاس دوران ايف بي آر اختيارين ٻڌايو ته سرڪاري اسپتالون سيلز ٽيڪس ادا ڪري رهيون آهن پر وڏيون وڏيون پرائيويٽ اسپتالون سيلز ٽيڪس ادا نه پيون ڪن.
ايف بي آر اختيارين چيو ته ملڪ جون وڏيون ۽ مهانگيون اسپتالون ٽرسٽ تي قائم آهن، جن لاءِ هاڻ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي پئي وڃي

پنھنجي راءِ لکو