“عزم استحڪام’’ آپريشن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ منظور

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان تي مرڪزي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ”عزم استحڪام“ جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ پرڏيهي وزير سميت وفاقي ڪابينا جي اهم وزيرن، سڀني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن، سروسز چيفس شرڪت ڪئي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ”عزم استحڪام“ جي منظوري ڏني ۽ چيو ته ملڪ مان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو اڻٽر آهي، آپريشن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندو.
هن چيو ته سفارتي ڪوششن سان دهشتگرد تنظيمن جو خاتمو ڪنداسين ۽ ڪنهن کي رياستي رٽ چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
فورم عزم جو اظهار ڪيو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان جي جنگ آهي.
اجلاس ۾ چيني شهرين لاءِ فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ چيني شهرين جي حفاظت لاءِ وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ لاڳاپيل کاتن کي نوان ايس او پيز جاري ڪيا ويا.

پنھنجي راءِ لکو