.اميرترين ملڪ ڪويت ۾ پهريون ڀيرو بجلي لوڊشيڊنگ جو اعلان

ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ)اميرترين۽ تيل جي دولت سان مالامال ملڪ ڪويت کي پهريون ڀيرو لوڊشيڊنگ ڪرڻ جي ضرورت پئي آهي.
بجلي ۽ پاڻي واري وزارت بيان ۾ چيو آهي ته مصروف وقتن ۾ ڪويت جي ڪجهه حصن ۾ بجلي جي عارضي لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اسپتالن، سرڪاري ڪلينڪس ۽ بلڊ بينڪن ۾ بجلي بند نه ٿيندي، صحت مرڪزن تي بيڪ اپ جنريٽرز تيار رکيا ويا آهن.
موسمياتي تبديلين سبب گرمي پد ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ڪويت ۾ به گرمي وڌي وئي آهي اهو ئي سبب آهي جو بجلي جو بار گهٽائڻ لاءِ صبح يارهين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين بجلي جي مناسب استعمال جي هدايت ڪئي وئي آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيٽ ورڪ کي مستحڪم رکڻ سان لوڊشيڊنگ جي ضرورت گهٽجي ويندي.

پنھنجي راءِ لکو