وزيراعظم سان اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر رضا باقر ۽ عالمي ڪنسلٽنسي فرم جي وفد ملاقات ڪِـَي

اسلام آباد: (14 جون 2024ع) وزيراعظم سان اسٽيٽ بينڪ جي اڳواڻي گورنر رضا باقر ۽ عالمي ڪنسلٽنسي فرم جي وفد ملاقات ڪئي آهي.
وفد وزيراعظم کي پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دوست ملڪن سان سيڙپڪاري جي معاهدن کي مشاورت سان پڄاڻي تائين پهچايو وڃي، حڪومت جي ڪاٿي ۾ گھٽتائي بابت عالمي شهرت رکندڙ فرمز سان مشاورت ڪئي وڃي.
وزيراعظم
چيو ته سمورن شعبن خاص ڪري معدنيات ۽ توانائي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، ملڪي معيشت جي ترقي ۾ خانگي شعبي جو مک ڪردار آهي، حڪومت معيشت جي بحاليءَ لاءِ نجي شعبي کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي

پنھنجي راءِ لکو