پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ بنا اڳتي نٿا وڌي سگهون: محمد اورنگزيب وفاقي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ٻين عملدارن سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران صحافين بجيٽ ۾ پگھاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ خلاف احتجاج پڻ ڪيو ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ به ضروري آهي جيئن بار ورهائي سگهجي.
وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته ٽيڪس بيس وڌائڻ اڻٽر آهي، مختلف ادارن جي نظام کي بهتر ڪرڻو پوندو، معيشت ۽ ايف بي آر جي ڊجيٽلائزيشن تي ڪم ٿي رهيو آهي، پروگريسو ٽيڪس سرندي وارن تي لڳايو ويندو.
هن چيو ته 2 کان 3 سال ٽيڪس بيس جيئن جو تيئن اڳتي وڌائينداسين، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي کي جيئن جو تيئن لاڳو ڪيو ويندو، 3 سالن ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي کي 13 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽيڪس قانون پوري طرح لاڳو ناهن ٿيا، نان فائلرز جي ڪاروباري ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، نان فائلرز لاءِ ٽيڪس جي شرح 45 سيڪڙو تائين کڻي ويا آهيون.
ناڻي واري وفاقي وزير موجب پگھاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ کانسواءِ اڳتي نٿا وڌي سگھون، پگھاردار طبقي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ضروري آهي، ايف بي آر مان مداخلت ختم ڪنداسين.
هن چيو ته اڻ رجسٽرڊ معيشت جو خاتمو ڪرڻو آهي، 31 هزار ريٽيلرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ضروري آهي ته جيئن بار ورهائي سگھجي، اپريل ۾ ريٽيلرز کي پاڻمرادو رجسٽرڊ ٿيڻ جو چيو آهي، هلندڙ سال جولاءِ کان ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ٿي ويندو.
محمد اورنگزيب چيو ته فڪسڊ ٽيڪس کي مرحليوار ڏسي رهيا آهيون، ڪيش ٽرانزيڪشن ختم ڪري ڊاڪيومينٽ ڏانهن وڌي رهيا آهيون، انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪنداسين، آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ 3 ڏهائي 5 ارب ڊالرز آهي

پنھنجي راءِ لکو