ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي، گريڊ هڪ کان 16 تائين ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.
وفاقي ڪابينا هارين، نوجوانن ۽ صنعتن لاءِ پيڪيج جي منظوري ڏني آهي
ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ مالي سال 25-2024 جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏني وئي
ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورين اسڪيمن جو اعلان ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير ۾ شامل آهي.
وفاقي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني آهي، گريڊ هڪ کان 16 تائين ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.
گريڊ 17 کان 22 جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا طرفان پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو