ڪامورا شاهي ۽ سياستدانن ۾ نيٽ ميٽرنگ تي سخت اختلاف

ا سلام آباد ( بيورو+م ڊ ) بيوروڪريٽس توانائي شعبي جي تباهي جو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن. باخبر ذريعن ٻڌايو آهي ته نيٽ ميٽرنگ جي معاملي تي وفاقي حڪومت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي ڇو ته ان حوالي سان بيوروڪريٽس ۽ سياستدانن ۾ جنگ جاري آهي. ان سلسلي ۾ 6 فارمولا غور هيٺ آهن.بيوروڪريسي جو موقف آهي ته سولر انرجي جي واڌاري سان ملڪ ۾ توانائي جو شعبو سخت بحران جو شڪار ٿي ويندو. سياستدان ان منطق يا دليل کي قبول نه ڪري رهيا آهن.روزاني بزنس رڪارڊ جي هڪ رپورٽ موجب، بيوروڪريٽس ۽ حڪومتي شخصيتن جي ويجهو رهندڙ آفيسرن جي مطابق نيٽ ميٽرنگ هاڻي اسلام آباد لاءِ هڪ وڏي سر درد ۾ تبديل ٿي وئي آهي.بيوروڪريسي، ظاھري طور تي توانائي جي شعبي کي بچائڻ لاءِ تجويز ڪيو آھي ته شمسي توانائي نظام کي مرحليوار وڌائڻ ۽ بائي بيڪ ميڪنزم لاءِ آسٽريلين ماڊل کي اپنايو وڃي، آسٽريليا ۾ حڪومت سولر پينلز مان وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ وارن تي ڏنڊ وجهي رهي آهي.وزيراعظم جي ٽيبل تي هڪ ٻي تجويز آهي ته بجلي جا بل يونٽن بدران نيٽ ميٽرنگ جي مد ۾ مقرر ڪيا وڃن. پهريون فارمولا خالص ميٽرنگ کي مجموعي ميٽرنگ سان تبديل ڪرڻ آهي. يعني سولر سسٽم لڳائڻ وارا ٻه ميٽر هوندا، هڪ مان اهي پنهنجي سموري بجلي گرڊ ڏانهن موڪليندا ۽ ٻئي مان عام صارف وانگر بجلي خريد ڪندا.ٻيو فارمولا شمسي لاءِ الڳ ٽريف ڪيٽيگري ٺاهڻ آهي.ٽيون اهو آهي ته سولر سسٽم انسٽالرز تي مقرر ٿيل چارجز لاڳو ڪيو وڃي، چوٿين خالص ميٽرنگ جي شرحن کي نظرثاني ڪرڻ آهي.پنجون هي آهي ته نيٽ ميٽرنگ جي ريگوليشن تي نظرثاني ڪئي وڃي

پنھنجي راءِ لکو