گم ٿيل نينگري تانيا جي آزادي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ گم ٿيل نينگري تانيا جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت نينگري جي بازياب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت نينگري تانيا جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت لاڳاپيل سيشن جج کي جي آءِ ٽي جي نگراني ڪرڻ ۽ نينگري جي بازيابي لاءِ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته پوليس روزاني جي بنياد تي سيشن جج کي آگاهه ڪري ته نينگري جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن، عدالت نينگري کي بازياب ڪري ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، نينگري جي ماءُ عدالت ۾ روئي پئي ۽ چيو ته تانيا کي محڪوم نالي شخص ساٿين سان گڏجي اغوا ڪري ويو هو، پوليس جوابدارن جي مدد ڪري رهي آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽورمارڪس ڏيندي چيو ته پريشان نه ٿيو ڇوڪري هر صورت ۾بازياب ٿي ويندي، عدالت پوليس جي لاپرواهي تي قانوني ڪارروائي جو به اشارو ڏنو

پنھنجي راءِ لکو