اسان قدرت کي ڄاڻڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيون: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته انساني جسم ۾ رڳو هڪ ڊگري گرمي پد وڌي وڃي ته بخار ٻڌايو ويندو آهي، اڄ زمين بيمار آهي، ان کي بخار آهي، اسان قدرت کي ڄاڻڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيون.
سپريم ڪورٽ ۾ موسمياتي تبديلي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته اڄ زمين تمام گهڻو دونهون پنهنجي اندر سمائي رهي آهي، اسان پلاسٽڪ ته ٺاهي رهيا آهيون پر ان کي ٺڪاڻي نه پيا لڳايون.
سندس چوڻ هو ته منصور علي شاهه هائبرڊ گاڏين جو چيو پر اسان کي پنڌ هلڻ جي ضرورت آهي، توهان چاهيو ته سڀني ججن کي سائيڪلون فراهم ڪري سگهجن ٿيون.
هن چيو ته هر ڊاڪٽر گوشت بدران سبزين جي استعمال جو چوندو آهي، ننڍپڻ ۾ ٻڌايو ويندو هو ته بجلي بچايو، اسان قدرتي وسيلن کي ختم ڪري ڇڏيو، پکي پنهنجي پسنديده ماحول ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن، ڪيترائي پکي ۽ جانور اڄ دنيا مان ختم ٿي رهيا آهن، سائنس ٻڌايو ته سامونڊي حياتيات سمنڊ جي پنهنجي بقا لاءِ ضروري آهي

پنھنجي راءِ لکو