وزيراعظم پاران چين جي تاريخي ٽيراڪوٽا واريئرز ميوزيم جو دورو

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئرز ميوزيم جو دورو ڪيو.
گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي پنهنجي اباڻي شهر شي آن ۾ ٽيرا ڪوٽا واريئرز ميوزيم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.
دوري ۾ وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي تاريخي ورثن جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت کي ه ٿي ڏيڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.
شهباز شريف ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو، قديم چيني تاريخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر جي تعريف ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته عظيم قومون چين جيان پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪنديون آهن، چين محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي.
وزيراعظم جو چوڻ آهي ته شي جن پنگ جي هن ميوزيم جي دوري جي دعوت تي سندس ٿورائتو آهيان، پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ به اهڙين تاريخي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي ماڳن ۾ تبديل ڪنداسين.

پنھنجي راءِ لکو