صدر مملڪت پرنس رحيم آغا خان کي ”نشان پاڪستان“ سان نوازي ڇڏيو

لام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداري طرفان پرنس رحيم آغا خان کي ملڪ ۾ سڀ کان وڏي سول ايوارڊ ”نشان پاڪستان“ سان نوازيو ويو آهي.
پرنس رحيم آغا خان کي نشان پاڪستان ڏيڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي.
پرنس رحيم آغا خان توانائي، مائيڪرو فنانس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي منصوبن جو جائزو وٺڻ، سرڪاري اختيارين ۽ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽورڪ جي عهديدارن کان علاوه اسماعيلي برادري جي ٻين اڳواڻن سان ملاقات لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي.
نشان پاڪستان حاصل ڪرڻ تي پرنس رحيم چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ، پنهنجن ساٿين، عملي ۽ ٻين رضاڪارن طرفان اهو اعزاز قبول ڪرڻ تي بي حد فخر آهي، هن نشان پاڪستان ڏيڻ تي صدر ۽ حڪومت جو شڪريو به ادا ڪيو.

پنھنجي راءِ لکو