جسماني ريمانڊ جي استدعا رد، صارم برني عدالتي ريمانڊ تي جيل منتقل

ڪراچي: (ڇنڇر: 08 جون 2024ع) عدالت انساني اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار سماجي اڳواڻ صارم برني جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي درخواست رد ڪندي جيل اماڻي ڇڏيو.
ايف آءِ اي صارم برني کي ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي جوڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي ڏنل بيان ۾ چيو ته جوابدار جاچ دوران تعاون نه ڪيو. جوابدار کان جيڪو به سوال پڇون ٿا هو چوي ٿو مون کي خبر نه آهي.
جاچ آفيسر چيو ته آمريڪي انٽيليجنس کان ملندڙ رڪارڊ جي باري ۾ جوابدار کان جاچ ڪرڻي آهي. حيا نالي نينگري کي صارم برني 3 هزار ڊالر ۾ حرا نالي عورت کي وڪرو ڪيو.
جاچ آفيسر 3 هزار ڊالر جي رسيد به عدالت ۾ پيش ڪئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان 3 هزار ڊالر وصول ڪيا؟ صارم برني جواب ڏنو ته مون کي خبر نه آهي. عدالت چيوته اوهان ٽرسٽ جا چيئرمين آهيو جنهن تي صارم برني چيو ته پئسا ٽرسٽ ورتا هوندا.
جاچ آفيسر وڌيڪ چيو ته هينئر تائين 3 ٻارن جي معاملن جي جاچ ٿي چڪي آهي. جڏهن ته 20 وڌيڪ ڪيسز جي جاچ ڪرڻي آهي. وڪيل صفائي عامر وڙائچ ۽ اعجاز خٽڪ بيان ڏنو ته صارم برني جو ريمانڊ نه ڏنو وڃي. جيڪڏهن جسماني ريمانڊ ڏنو ويو ته صارم برني تي ٽارچر ڪيو ويندو. جنهن کان پوءِ عدالت ايف آءِ اي جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي صارم برني کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

پنھنجي راءِ لکو