2023ع گرم ترين سال قرار،مستقبل ۾ ڌرتي تي رهڻ ڏکيو بڻجي ويندو

گڏيل قومن جي موسمياتي ايجنسي جي ماهرن چيو آهي ته گرمي پد رڪارڊ جي سالن جي ڀيٽ ۾ گذريل 12 مهينا گرم ترين رڪارڊ ڪيا ويا.
گڏيل قومن جي موسمياتي ايجنسي خبردار ڪيو آهي ته هاڻي ان ڳالهه جو 80 سيڪڙو امڪان آهي ته ايندڙ پنج سالن ۾ ڪنهن هڪ سال جي اوسط گرمي پد ماهرن جي ٻڌائي ويندڙ خطرناڪ حد 1.5 ڊگري کان به مٿي وڃي سگهي ٿو.
گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس موسمياتي جهنم سان بچڻ لاءِ عالمي برادري کان فوري ايڪشن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن 2030 تائين فوسيل فيول جي پيداوار 30 سيڪڙو گهٽ نه ڪئي وئي ته واپسي جو رستو باقي نه بچندو.
هن جو چوڻ هو ته عالمي گرمي پد جي حد پار ڪرڻ جي جنگ ۾ هار ۽ کٽڻ جو فيصلو هلندڙ ڏهاڪي ۾ ئي ٿي ويندو.
يورپي يونين جي ماحولياتي تبديلين کي جاچڻ لاءِ سروس موجب گذريل ٻارنهن مهينن ۾ دنيا جي اوسط گرمي پد صنعتي دور 1850 کان 1900 کان پهرين سالن جي اوسط گرمي پد کان 1.63 ڊگري کان وڌيڪ رهيو

پنھنجي راءِ لکو