پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو غير مستقل ميمبر چونڊجي ويو

نيو يارڪ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو غير مستقل ميمبر چونڊيو ويو آهي.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين اجلاس ۾ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ 182 ملڪن پاڪستان جي حمايت ڪئي.

پاڪستان 2025ع کان 2026ع لاءِ ميمبر چونڊجي ويو، پاڪستان کان پهريان ايشيا پيسيفڪ گروپ جي سيٽ چاپان وٽ هئي.

سلامتي ڪونسل 15 ملڪن تي مشمتل آهي، جنهن ۾ 5 مستقل ميمبر ۽ 10 غير مستقل ميمبر شامل آهن، غيرمستقل ميمبرن کي جنرل اسيمبلي ٻن سالن جي مدي لاءِ چونڊيندي آهي.

وزير اعظم جي قوم کي مبارڪباد

وزير اعظم شهباز شريف سلامتي ڪونسل جي غيرمستقل ميمبر جي چونڊ تي قوم کي مبارڪباد ڏني.

هڪ بيان ۾ وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سلامتي ڪونسل ۾ غير مستقل ميمبر چونڊجڻ امن ۽ سلامتي لاءِ قوم جي عزم جو ثبوت آهي، چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪنداسين.

نائب وزير اعظم اسحاق ڊار به پاڪستان جي سلامتي ڪونسل جي غير مستقل ميمبر چونڊجڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني

پنھنجي راءِ لکو