پاڪستاني شاگردن جو ڪارنامو، دماغ سان آپريٽ ٿيندڙ ويل چيئر ٺاهي ورتي

اهڙا ماڻهو جن جي جسم جو گهڻو حصو انتهائي ڪمزور يا مفلوج ٿي ويندو آهي، ان جي زندگي جو دارومدار صرف ويل چيئر تائين محدود هوندو آهي.
اهڙن ماڻهن جي آساني لاءِ جديد ويل چيئر پاڪستان ۾ به تيار ڪئي وئي آهي، جنهن کي مردان جي يونيورسٽي جي شاگردن دائود ۽ فيضان اختر تيار ڪيو آهي.
مردان جي ٻنهي شاگردن اسٽيفن هاڪنگ جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي.
نجي ٽي وي جي مورننگ پروگرام ۾ شاگردن ٻڌايو ته جيڪا ويل چيئر تيار ڪئي آهي اها هٿن يا ڪنهن ٻئي جي مدد سان نه پر دماغ سان آپريٽ ٿيندي آهي، ان جي دارومدار استعمال ڪرڻ وارن جي ذهن تي آهي.
سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان اڳتي وڃڻ جو سوچيندئو ته ڪرسي پاڻمرادو اڳتي هلي ويندي، پوئتي وڃڻو هجي يا ساڄي کاٻي پاسي ته دماغ سان ڪنٽرول ٿيندو.

پنھنجي راءِ لکو