مڪيش امباڻي جي زال سون جو پاڻي پيئندي آهي، قيمت توهان کي دنگ ڪري ڇڏيندي

يشيا جي امير ترين شخصيتن ۾ شامل ٿيندڙ مڪيش امباڻي جي زال نيتا نه رڳو سون پائيندي آهي پر هوءَ پاڻي به سون جو پيئندي آهي!
ڇا توهان يقين ڪري سگهو ٿا ته نيتا امباڻي جي پيئڻ جي پاڻي جي هڪ بوتل جي قيمت 49 لک ڀارتي رپيا (60 هزار ڊالر) آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب نيتا امباڻي پيئڻ لاءِ gold water جو استعمال ڪندي آهي، جنهن کي Acqua di Cristallo Tributo a Modigliani چيو ويندو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اهو خاص پاڻي ٽن قدرتي ذريعن سان حاصل ڪيو ويندو آهي، پاڻي جو هڪ حصو فرانس ۾ موجود هڪ چشمو فراهم ڪندو آهي، ٻيو حصو فجي ۾ هڪ چشمو ۽ ٽيون حصو آئس لينڊ جا ٿڌا گليشيئر فراهم ڪندا آهن.
750 ملي ليٽر پاڻي جي بوتل ٺاهڻ لاءِ 24 قيراط سون، جڏهن ته پاڻي جي تياري ۾ 5 گرام سون شامل ڪيو ويندو آهي، پيئڻ جو اهو پاڻي 24 قيراط سون تي ٻڌل بوتل ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، ان خاص بوتل کي مشهور ڊيزائنر فرنينڊو الٽاميرانو ڊيزائن ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 60 ورهين جي نيتا امباڻي جي روشن ۽ چمڪندڙ جلد جو راز به اهو پاڻي آهي.
هڪ نيلامي ۾ ان پاڻي کي 60 هزار ڊالر تقريبن 49 لک رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي، اهو پاڻي Acqua di Cristallo Tributo a Modigliani گنيز ورلڊ رڪارڊز ۾ به دنيا جي سڀ کان قيمتي پاڻي طور شامل آهي

پنھنجي راءِ لکو