ميرپورماٿيلي ۾ شهيد نصرالله گڏاڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو جاري

ميرپور ماٿيلو ( رپورٽر ) ميرپورماٿيلي ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هنيل ڌرڻي کي 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي.
ڊي ايس پي، سي آءِ اي منير احمد ڦلپوٽي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ناڪام ٿيون.
ڊي سي پي ٽن ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي هئي پر مظاهرين چيو ته جيستائين شهيد جا قاتل گرفتار نه ٿيندا، تيستائين ڌرڻو جاري رهندو.
ايس ايس پي آفيس ٻاهران هنيل ڌرڻي جي اڳواڻي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ ڪري رهي آهي، ڌرڻي ۾ مختلف شهرن کان صحافين جا قافلا، سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ شهري وڏي انگ ۾ شريڪ آهن.
ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل آهي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي سربراهي ۾ هجڻ گهرجي

پنھنجي راءِ لکو