ساٿين تي تشدد ڪيو ويو، ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا ۽ جيل ۾ وڌو ويو: پريانڪا گانڌي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سياسي جماعت ڪانگريس جي اڳواڻ پريانڪا گانڌي چونڊ نتيجن تي اتر پرديش جي پارٽي ساٿين جي نالي پيغام جاري ڪيو آهي.
پريانڪا گانڌي چيو آهي ته يو پي ڪانگريس جي سڀني ساٿين کي سلام، توهان نه جهڪيا، نه بيٺا، ساٿين تي تشدد ڪيو ويو، ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا ۽ جيل ۾ وڌو ويو.
هن چيو ته خوف سبب ڪيترائي ماڻهو ساٿ ڇڏي ويا پر توهان گڏ رهيا، ماڻهن آئين کي بچائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ پختو پيغام پهچائي ڇڏيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو