چين 2 لک پاڪستاني نوجوانن کي اي آءِ جي مفت تربيت ڏيندو

چيني ٽيڪنالاجي ڪمپني ۽ پاڪستان وچ ۾ معاهدن تي صحيحون ٿي ويون، جنهن موجب چين 2 لک پاڪستاني نوجوانن کي آرٽيفيشل انٽليجنس جي مفت تربيت ڏيندو.
پاڪستان ۾ سيف سٽي جي قيام، اي گوورنس ڪلائوڊ سروسز ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به ڀرپور تعاون ڪيو ويندو.
وزير اعظم شهباز شريف ڪابينا سان گڏجي چين جي شهر شينزن جي هوائي اڏي جو دورو ڪيو، جتي وزير اعظم جو روايتي موسيقي سان استقبال ڪيو ويو.
وزير اعظم ۽ هواوي جي چيئرمين جي ملاقات به ٿي، جنهن ۾ وزير اعظم هواوي جي چيئرمين کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي سيڙپڪاري لاءِ زور ڀريو.

پنھنجي راءِ لکو