ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: يوگنڊا جي 43 سالا اسپنر تاريخ رقم ڪري ڇڏي

گيانا ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ۾ جاري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ يوگنڊا جي 43 ورهين جي بالر نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي نائين ميچ ۾ يوگنڊا پاپوا نيوگيني کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.
اِها ڪاميابي نه رڳو يوگنڊا جي تاريخ فتح هئي پر يوگنڊا جي 43 ورهين جي اسپنر فرينڪ سبگا به ميچ ۾ نئين تاريخ رقم ڪئي.
فرينڪ سبگا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان بهترين اسپيل هلايو، هن پنهنجي چئن اوورن جي ڪوٽا ۾ رڳو چار رنسون ڏنيون ۽ ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون ان دوران هن ٻه ميڊن اوور پڻ هلايا

پنھنجي راءِ لکو