ڪراچي ۾ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، اڳتي ڇا ٿيندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هلندڙ تيز سامونڊي هوائن گرمي جو زور ٽوڙي ڇڏيو.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب ڪراچي ۾ موسم تبديل ٿيڻ لڳي، جنهن جو اهم سبب تيز سامونڊي هوائون آهن، جڏهن ته ايندڙ 10 ڏينهن شهر ۾ موسم جهڙالي ۽ تيز هوائون گهلنديون.
هن چيو ته سنڌ ۾ 10 جون جي وچ ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي مٿانهن ۽ وچولن علائقن ۾ ايندڙ هفتي کان هيٽ ويو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ گرمي پد معمول موجب رهندو.

پنھنجي راءِ لکو