بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ بڻائڻ سندن جي ترجيح آهي.
بيجنگ ۾ پاڪ- چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ-چين دوستي هر موقعي تي ثابت ٿي ۽ هر آزمائش تي پوري لٿي آهي، اهڙي دوستي جو مثال دنيا ۾ ڪٿي نٿو ملي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي.
وزيراعظم چين جي ترقي جي واکاڻ ڪندي چيو ته چين جي مختصر عرصي ۾ تيز رفتاريءَ سان ترقي اسان لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪستان چين جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته بشام ۾ چيني شهرين تي حملو پاڪستان دشمن عنصرن ڪيو ۽ حملي جي رٿابندي انهن ڪيئ جيڪي سي پيڪ ۽ پاڪ چين دوستي جا دشمن آهن، سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي فول پروف بڻائي ويندي.
ان کان اڳ بيجنگ ۾وزيراعظم شهباز شريف سان چائنه انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن ايجنسي جي چيئرمين لو زائو هوئي ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران چين ۽ پاڪستان جي مضبوط دوستي، گڏيل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ عملي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ريلوي مين لائن ون جي اپگريڊيشن منصوبي ۾ چين جي سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان چين جي ترقي جي ماڊل مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، چين سان زراعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته لو زائو هوئي پاڪستان ۾ چين جي سفير طور پنهنجي ذميواريون بهتر نموني سرانجام ڏنيون، سي پيڪ تحت سماجي ترقي بابت گڏيل ورڪنگ گروپ جا هاڪاري نتيجا نڪتا آهن.
سي آءِ ڊي سي اي چيئرمين مختلف شعبن ۾ پاڪ چين سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
سي آءِ ڊي سي اي چيئرمين چيو ته پاڪ چين گڏيل خلا ۾ سيٽلائيٽ اماڻڻ جي مشن سان ٻنهي ملڪن جي دوستي سرحد کان پار هاڻي خلائن ۾ پهچي چڪي آهي.