فوج جان کان وڌيڪ پياري آهي، اڊيالا جيل ۾ غريب قيد آهن، عيد تي عام معافي ڏني وڃي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد عيد جي موقعي تي عام معافي جي اپيل ڪري ڇڏي.
اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته صنم جاويد، عاليا حمزا ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي آزادي جي اپيل ڪيان ٿو.
هن چيو ته عدالتن ۾ گنجائش گهٽجي وئي آهي، بي گناهن جو انگ گهڻو آهي، اڊيالا جيل ۾ غريب ماڻهو آهن ههڙي گرميءَ ۾ پنج سئو ماڻهن جي پيشي ٿيندي آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته فوج اسان کي جان کان وڌيڪ پياري آهي پر ان سان ڪهڙو پيغام وڃي ٿو؟ منهنجي درخواست آهي هن عيد تي عام معافي ڏني وڃي.
شيخ رشيد سياسي اڳڪٿي ڪندي چيو ته ايندڙ 45 ڏينهن اهم آهن، ماڻهو تنگ آهن ملڪ ۾ هاڻ سياسي فيصلا ٿيندا، سيڙپڪار ملڪ ڇڏي رهيا آهن ته پرڏيهي سيڙپڪار ڪيئن ايندا.

پنھنجي راءِ لکو