رينجرز ۽ ايف سي جون پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت ريجنرز ۽ فرنٽيئر ڪور ( ايف سي ) جون پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف سول آرمڊ فورسز جي پگهارن ۾ واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري وزارت سول آرمڊ فورسز لاءِ نظرثاني بنيادي پي اسڪيل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت سول آرمڊ فورسز جي پگهارن ۾ وڌ کان وڌ واڌ 55.76 يا 31 هزار 810 رپين تائين ٺهندي.
حڪومت ذريعن موجب، وفاقي سرڪار هڪ هم فيصلي تحت سول آرمڊ فورسز جون پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن

پنھنجي راءِ لکو