گهوٽڪي (رپورٽر) شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ مائي پٺاڻي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پٽ جا حقيقت قاتل گرفتار ڪيا وڃن.
نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي سڏ تي ايس ايس پي آفيس گهوٽڪي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مائي پٺاڻي غمزده نظر آئي ۽ ڌرڻي ۾ خلق ڏسي لڙڪ لاڙي ويٺي.
هن چيو ته منهنجي پٽ کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي، قاتل وڏا بااثر آهن، مان ھن ڌرڻي تان تيستائين نه اٿنديس جيستائين منهنجي پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ منهنجي پٽ جا حقيقي قاتل گرفتار ڪيا وڃن