انسان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات ڪري پيدا فرمايو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس هر ڪم سوچي سمجهي ۽نفعي ۽ نقصان کي نظر ۾ رکي ڪرڻو پوندو آهي. کيس زندگيَء جي انفرادي توڙي اجتماعي ضرورتن کي سهڻي طريقي سان پورو ڪرڻ الِء ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي، روزگار ۽ پيشي کي اختيار ڪرڻو پوندو آهي. عملي زندگي کي ڪاميابي سان گذارڻ الِء ڪنهن پيشي جي چونڊ کي ڪيريئر چئبو آهي. ڪ يريئر جي وصف کي سمجهڻ الِء هيٺيان نقطا ذهن ۾ رکڻ گهرجن: 1 .اسان جا ڪم ۽ ڪاروبار بابت تجربا. 2 .سڄي حياتي، مالزمت يا ڪاروبار جو سلسلو. 3 .ڪنهن ڌنڌي جي چونڊ، جيئن قانون، طب ۽ فوج وغيره، جنهن ۾ ا ڳيان وڌڻ جا ظاهري رستا موجود هجن. 4.ڪنهن اداري ۾ اڳيان وڌڻ يا ترقي ڪرڻ. ڪ يريئر جي معن ٰي زندگي گذارڻ جو طريقو آهي ۽ پيشو)ڌنڌو( ڪنهن خاص شعبي ۾ يقيني مستقبل کي اختيار ڪرڻ جي معني ۾ استعمال ٿيندو آهي. هن مضمون ۾ اسان ڪيريئر ۽ پروفيشن )پيشو( کي ساڳ ئي معن ٰي ۾ استعمال ڪندي ڳالهه ٻ ولھ ڪنداسين. پنهنجي الِء سٺ و ڪيريئر چونڊڻ جو مطلب هي آهي ته انسان اهڙو گذر جو وسيلو ه ٿ ڪري جيڪ و ان جي صحت، صالحيت ۽ مزاج مطابق هجي ته جيئن هوان خاص ڌنڌي ۾ زياده ترقي ڪري سگهي ۽ ڪم ڪر ڻ سان هن کي بيزاري يا ٿڪاو ٽ محسوس نه ٿئي پرکيس سڪ ون، اطمينان ۽ خوشي حاصل ٿ ئي. ڪ يريئر ڇو ضروري آهي؟ انسان جي زندگي الڳاتار جدوجهد جو نالو آهي.اشرف المخلوقات جي حيثيت ۾ انسان کي جيڪي ذميواريون سونپيون ويون آهن انهن کي پورو ڪ رڻ الِء انسان کي مادي وسيلن جي ضرورت ٿ ئي ٿي. هڪ گهر جي وڏي کي پنهجي گهر جي ڀاتين الِء زندگيَء جون بنيادي ضرورتون، اٽ و، لٽ و، اجه و، 2 تعلي م ۽ عالج جو انتظام ڪرڻ گهرجي ته جيئن گهر جو هر فرد سک ۽ سڪ ون سان زندگي گذاري سگهي، سماج ۾ پنهنجو مرتبو حاصل ڪري سگهي ۽ سماجي ذميوارين کي پورو ڪري سگهي. مادي وسيلن کي حاصل ڪر ڻ الِء انسان مالزمت ڪري ٿ و يا ڪاروبار ڪري ٿ و ته جيئن انهن معاشي سرگرمين جي نت يجي ۾ انهن مادي وسيلن جو انتظام ٿي سگهي جيڪي سندس گهر جي فردن جي زندگي جون ضرورتون پوريون ڪن. اها معاشي سرگرمي )مالزمت يا ڪاروبار( ئي ان جو ڪيريئر هجي ٿي ۽ ان ڪيريئر جي بنياد تي سماج ۾ کيس مان ۽ مر تب و حاصل ٿ ئي ٿ و ۽ ان جي ڪري ئي هو پنهنجي خواهشن جو پورائو ڪري ٿو. پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن، ڀائرن ۽ ڀ ينرن ۽ ٻ ين گهر جي ڀاتين الِء اٽ و، ل ٽو، اجهو، تعل يم ۽ عالج جا وس يال فراهم ڪر ڻ اهڙي ذميواري آهي جنهن کان ڪنهن به حالت ۾ بچي نٿ و سگهجي. ان ذميواري کي بهتر نموني سان سرانجام ڏيڻ الِء ڪونه ڪو ڌنڌو ڪرڻ ضروري آهي. انساني سماج جو اهو ئي دستور آهي ۽ ڪاميابي جو اهوئي هڪ رستو آهي جنهن تي هلي سماج ۾ مان ۽ مرتبو حاصل ڪري سگهجي ٿ و. سماجي علم sociology جي ماهرن انساني زندگي کي متحر ڪ بنائڻ الِء هيٺيون ضرورتون مقرر ڪيون آهن. 1 .طبعي/ جسماني ضرورتون: هن ۾ ا ٽو، لٽو ۽ اجهو شامل آهن. جيستائين هي ضرورتون پوريون نٿيون ٿ ين، تيستائين انسان کي ڪا به شي متحرڪ نه ٿي ڪري سگهي. 2 .تحفظ: نقصان ۽ جان جي خطري کان تحفظ، روزگار/مالزمت کان محرومي، جائداد، غذا ۽ لباس کان محرومي جي خوف کان تحفظ انسان جي ضرورت ۾ شامل آهي. ان ضرورت جو پورا ئوانسان کي متحرڪ بنائي ٿو. 3 .سماجي ضرورت: گڏجي سڏ جي رهڻ، انسان جي فطرت آهي. گڏيل طور تي رهڻ ۽ ٻ ين سان زندگي گذارڻ الِء ه ڪ ٻ ئي جا حق ادا ڪرڻا پوندا آهن. انهن حقن جي ادائگي سماجي ضرورت آهي. 4 .اندر جا احساس: مٿ يون ضرورتون پوريون ٿ يڻ کان پوِء انسان ۾ قوت, عزت ۽ اعتماد جو احساس پيدا ٿيندو آهي. اهي احساس انسان کي دلي خوشي ۽ سڪون ڏيندا آهن ، جيڪي زندگيَء جي ڪاميابي الِء ضروري آهن. 5 .ترقي جي خواهش: هڪ مقام تي پهچڻ کانپوِء ان جي فطري خواهش اڳتي وڌڻ جي هوندي آهي. ترقي ڪرڻ جو اهو احساس ئي زندگي جي رونقن ۽ رنگينين جو بنياد آهي. مٿي ڄاڻايل نقطا تڏهن ئي پورا ٿي سگھن ٿا جڏهن اسان وٽ پنهنجي واپار، ڪاروبار الِء جوڳي سيڙپ موجود هجي، نه ته ٻي صورت ۾ اسان کي پنهنجي صالحيتن کي نظر ۾ رکندي ڪٿي نه ڪٿي مالزمت يا نوڪري ڪرڻي پوندي آهي. توهان مالزمت ڪريو يا ڪاروبار، اصل ۾ توهان پنهنجي زندگيَء جون 3 ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو. توهان جو ڪاروبار توهان جي مالزمت به آهي ته ڌنڌو به آهي. ڪاميابي الِء شرط آهي ته ان سلسلي ۾ توهان پنهنجي رٿابندي مڪمل ڪئي هجي ۽ ترقيَء جي منزل مقرر ڪئي هجي. واپار: هڪ ٻ وريون کڻندڙ مزدور اصل ۾ هڪ واپاري آهي، جيڪو پنهنجي جسماني محنت وڪڻي روزي ڪمائي ٿو. آفيس ۾ ڪم ڪرڻ وارو ڪالر ڪ به واپاري آهي، جيڪ و پنهنجي ذهني محنت وڪڻي معاوضو حاصل ڪري ٿو ۽ ه ڪ دو ڪاندار ته آهي ئي واپاري جي ڪو پنهنجو مال وڪڻ ي پئسو ميڙي ٿو. ان طرح و ڪيل، ڊاڪٽر، انجنيئر وغيره س ڀ واپاري آهن. هر ماڻهو دنيا جي بازار ۾ پنهنجي پنهنجي صالحيت، قوت، محنت ۽ مال و ڪڻي زندگي گذارڻ جو بندوبست ڪري ٿ و. ان عمل ۾ انسان س ڀ کان گهڻي خوشي ڪهڙي “ذريعي” ۾ ٿو محسوس ڪري ۽ پنهنجون صالحيتون اعل ٰي طريقي سان ڪهڙي “شيَء”۾ استعمال ڪري ٿو؟ “ذريعي “ ۽ “شيَء” جي ڄاڻ, سڃاڻپ ۽ ان شعوري چونڊ کي ڪ يريئر جي چونڊ چئجي ٿ و. مطلب ته مالزمت هجي يا ڪاروبار، اهي ٻ ئي ڪيريئر جا رستا آهن. ڪيريئر جي چونڊ؛ پنهنجي چؤطرف موجود معاشي سرگرمين تي نظر ڦيرائي ڏسندئو ته ماڻهو توهان کي ٽ ن قسمن جا ڪم ڪندي نظر ايندا: 1 .عملي ڪ م: هي اهڙا ڪم آهن جن ۾ ڪم ڪر ڻ وارا پنهنجي ه ٿن ذريعي اهڙي عمل ۾ مصروف هوندا آهن، جنهن سان ڪا مشين يا اوزار ڪم ڪندو آهي. مثال طور : انجنيئر، پائليٽ، هاري، ڪمپيوٽر آپريٽر وغيره. 2 .ڪاغذي ڪم: اهي سڀئي ڪم جيڪي خط و ڪتابت، لکڻ پڙهڻ ۽ انگن اکرن متعلق آهن ، سي هن ۾ ٿا اچن. مثال طور: صحافي، اڪائ ونٽنٽ، آر ڪيٽ يڪٽ. 3 .عوامي/افرادي ڪم: اهي ڪم جن ۾ ڪم ڪرڻ واري جو واسطو عوام يا مختلف ماڻهن سان هجي، سي هن دائري ۾ اچي و ڃن ٿا. مثال طور: ڊاڪٽر، استاد، ايئرهوسٽ س وغيره. شعوري يا غير شعوري طور تي هر ن وجوان تعليم جي دوران ڪجھ ڌنڌن ۽ پيشن کي پسند ڪرڻ لڳندو آهي. ان پسند جي پس منظر ۾ ان جي خاندان جي ماڻهن جو پيشو، ان جي دوستن جي پيء يا ڀاُء جو پيشو، قومي هيرن جو پيشو يا ڪنهن خاص شخصيت سان ان جي ذهني وابستگي ۽ عقيدت سرگرم هوندي آهي. جڏهن ن وجوان زندگيَء جي ان موڙ تي پهچي، جتي کيس پروفيشنل تعليم جي مرحلي ۾ داخ ل ٿ يڻ و آهي، اتي کيس پنهنجي پسند جي پيشن بابت اوليت واري اصول تحت هڪ فهرست ٺاهڻ 4 کپي. ان فهرست ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي پيشا هجن: پهرين نمبر تي سڀني کان وڌيڪ پسند وارو، ٻ ئي نمبر تي ان کان گهٽ پسند وارو ۽ ٽئين نمبر تي سڀ کان گهٽ پسند وارو پيشو. پروفيشن )پيشي ( جي چونڊ جي مرحلي تي هيٺين ڇهن بنيادي ڳالهين کي نظر ۾ رکي پنهنجو جائزو و ٺڻ گهرجي ته “منهنجي الِء ڪهڙو ڪم بهتر ٿي سگهي ٿو؟” 1 .صالحيت ون 2 :تعليم 3 .ذهانت 4 .رجحان/الڙو 5 .دلچسپي 6 .حالتون/ماحول. 1 .صالحيتون: صالحي تن جو مطلب انسان جون ذهن ي ۽ جسماني خوبيون آهن، پر اسان کي صالحيتن جو صحيح اندازو ان وقت ٿي سگهي ٿ و، جڏ هن پنهنجي خامين ۽ خوبين جو چڱي طرح احساس هجي. هڪ نوجوان جي خواهش پائليٽ بنج ڻ جي آهي، پر ان جي نظر ڪمزور آهي ته ان ڪري هو پائليٽ نٿ و بنجي سگهي يا ڪو ماڻهو صحافي بنجڻ چاهي ٿ و پر کيس ٻ وليَء تي مهارت حاصل ناهي ته هو ان ڪم پر ڪامياب ٿي نٿو سگهي. گفتگو جي سٺي صالحيت رکڻ وارا و ڪالت يا سيلزم ئن جي ڪم ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا. 3 .ذهانت: زندگي ۾ ڪاميابيَء الَء تعليم سان گ ڏ ذهانت جو هجڻ ضروري آهي. ذهانت مان مراد پنهنجي علم ۾ تجربي جي بنياد تي تجزيو ڪري وقت سر استعمال ڪرڻ آهي. سٺو حافظو ذهانت کي خوبصورتي عطا ڪندو آهي. گهٽ ۾ گهٽ وسيلن کي وڌ ۾ وڌ موثر بنائڻ به ذهانت جو ڪمال آهي. انسان ڪهڙو به ڪيريئر چونڊي ڪاميابي الِء ذهانت شرط آهي. 4 .مزاج جو رجحان/الڙ و: هر ماڻهوَء کي ڪجھ ڪم سوال لڳندا آهن، جيڪي هو ٻين جي ڀ يٽ ۾ جلدي سکي ويندو آهي، ان جي ٽ يڪنيڪي ۽ فني پاسن کي جلدي سمجهي وٺندو آهي. ٻين جي ڀيٽ ۾ ان کي اها برتري ان ڪري حاصل آهي، جو سندس الڙ و ان خاص ڪم يا شعبي جي طرف هوندو آهي. ڪجھ نوجوانن کي اليڪٽرانڪ س جي اوزارن سان ايتري ته دلچسپي هوندي آهي، جو ان جي رازن ۽ رمزن کان خود به خود واقف ٿي ويندا آهن. ڇو ڪرا گڏين جي راند ۾ دلچسپي نٿا رکن ، پر ڇو ڪريون اها راند کيڏ ن ٿيون. پروفيشن جي چونڊ ۾ پنهنجي الڙي يا رجحان کي ضرور خيال ۾ رکڻ کپي ۽ ان مطابق پنهنجي اوليتن مان ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ کپي. 5 .دلچسپي: ڪجھ ڪم جي ڪي توهان الِء مشڪ ل نظر اچن ٿا، اهي ٻ ين الِء تمام گهڻا آسان ٿي سگهن ٿا. اهو آسان ۽ مشڪل جو راز اسان الِء تڏهن آسان ٿي پوندو آهي، جڏهن اسان پنهنجي دلچسسپين جي ڄاڻ حاصل ڪندا آهيون. عملي زندگي الِء پروفيشن جي چونڊ ۽ انتخاب ڪر ڻ وقت 5 “دلچسپي” جو عنصر تمام اهم آهي، ڇو ته انسان کي اهوئي ڪم پروفيشن طور کڻڻ کپي، جنهن ۾ کيس دلچسپي نظر اچي. جيڪو ڪم توهان الِء دلچسپ آهي، اهوئي ت وهان جو پروفيشن هجڻ کپي. 6 .حالتون/ماحول: انسان جو ماحول ان جي زندگي تي اثرانداز ٿئي ٿ و. اهو ماحول پيشي جي چونڊ وقت توهان جي فيصلي کي متاثر ڪري سگهي ٿ و، توهان جي جدوجهد جو رخ مقرر ڪري سگهي ٿ و. مثال طور ه ڪ گهٽ وس يال رکندڙ نوجوان الِء اهو ضروري آهي ته هو مئٽرڪ کان پوِء پنهنجي پيُء جو ه ٿ ونڊائڻ خاطرنوڪري ڪري. اهو نوجوان پنهنجي گهر جي حالتن مطابق نو ڪري ڪري سگهي ٿ و ۽ شام جو ڪاليج يا عالمه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ذريعي پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي ٿو. حالتون مشڪل هجن يا آسان، ان هن کي زندگيَء جي حقيقت سمجهي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ انهن حالتن ۾ پسند جي راه ڳولڻ گهرجي۔ ڪيريئر جي چونڊ کان پوِء جڏ هن توهان کي اهو اطمينان ٿي و ڃي ته توهان پنهنجي الِء هڪ موزون ڪيريئر جي چونڊ ڪئي آهي ته ان ڪيريئ ر کي اختيار ڪر ڻ جي ڪ وشش ڪريو. ان پيشي ۾ داخل ٿيڻ الِء جيڪڏ هن ڪنهن خاص پيشيوران ه تعليم يا تربيت جي ضرورت هجي ته اها حاصل ڪ رڻ جي ڪ وشش ۾ لڳ ي و ڃو. هر پروفيشن جون مختلف گهرجون هونديون آهن. پنهنجي صالحيتن جو جائزو وٺ و ۽ چونڊيل پيشي جون گهرجون پوريون ڪرڻ الِء پنهنجين انهن صالحيتن کي اجاڳر ڪ ريو. ڪوشش ڪاميابيَء جي ڪنجي آهي. مسلسل ڪ وشش ڪريو ته جيئن توهان زندگيَء جو مقصد حاصل ڪري سگھو. مشڪالتون هجن ته انهن کان گهٻرايو نه، مڙس ماڻهو ٿي انهن کي منهن ڏيو. جڏهن توهان پنهنجي پسند جي ڪ يريئر ۾ داخل ٿ يو ته مطمئن ٿي ويهي نه رهو، ان پيشي ۾ مهارت حاصل ڪر ڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ هيَء ڳالھ سدائ ين ياد رکو ته سکڻ جو سلسلو ڪڏ هن به ختم نٿو ٿئي. توهان جيڪو به ڪيريئر اختيار ڪريو، هيٺ ين ڳالهين جو خيال ضرور رکو: 1 .اهو پروفيشن اخت يار ڪ ريو، جنهن سان توهان کي خوشي ٿ ئي. 2 .ان ڪيريئر سان وابس ته هڪ اهڙي جڳھ rank ۾ هڪ ادارو اهڙ و چونڊ يو، جتي توهان دلچسپي سان سکي سگهو ۽ سکڻ جي ان شوق کي برقرار رکي سگھو. 3 .هڪ سٺي آفيسر سان گڏ ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏيو. 4 .اهڙو ڪيريئر چونڊيو جتي توهان کي اهو احساس هجي ته توهان ڪجھ ڪري رهيا آهيو. هي ڳالهه دل ۾ ڪڏهن به نه آڻجو ته “بس! هاڻي مون سڀ ڪجھ سکي ڇڏيو آهي.” ايمانداري سان پنهنجي پروفيشن جون گهرجون پوريون ڪريو، پنهنجي پروفيشن ۾ مهارت حاصل ڪريو. 6 ڪنهن هنر يا فن کي ڄاڻڻ وارا لکين هوندا آهن، پر نالو انهن جو نڪرندو آهي، عزت ۽ شهرت انهن کي ملندي آهي جيڪي فن يا هنر کي اوج تي رسائيندا آهن. ناممڪن ڪارناما انسان ئي سر انجام ڏيندا آهن، اهي انسان توهان به ٿي سگهو ٿا. جيئن چوڻي آهي “همت مردان مدد خدا”. ڪيريئر جي چونڊ کان پوِء ڪاميابي جو رست و: ڪ يريئر جي چونڊ کان پوِء جڏهن ان مرحلي تي رسي وڃ و، ج تي توهان جي معاشي ضرورتن جي پورائي جو سلسلو شروع ٿي و ڃي، ت ڏهن هيٺيون صالحيتون ۽ خوييون توهان جي ترقيَء ۾ مددگار ثابت ٿ ينديون: 1 .گفتگو: ماڻهن کي سمجهي ۽ انهن جي ذهن کي پروڙي گفتگو ڪرڻ جي صالحيت ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪ ندي آهي. پاڻ کان زياده باصالحيت ماڻهوَء کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ساڳئي حيثيت وارن ۽ پنهنجي هيٺ ڪ م ڪند ڙن سان انڊر اسٽينڊنگ پيدا ڪريو. ڪم ڪر ڻ جي صالحيت اصل ۾ گفتگو جي صالحيت جو حصو آهي، ان تي خاص ڌ يان ڏيڻ جي ضرورت ٿ ئي ٿي. 2 .متحرڪ رکڻ واري قوت: پنهنجي شخصيت کي متحرڪ رکڻ ۽ اداري جي اجت ماعي مقصدن کي مدنظر رکندي پنهنجي ٽيم کي سرگرم رکڻ گهرجي. 3 .حيثيت شناس هجڻ: اداري سان الڳاپيل ذم يوار ماڻهن کي سندن حيثيت ۽ مرتبي مطابق عزت ڏيڻ ۽ انهن جي هداي ت ن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ ۾ عمل ڪرڻ گهرجي. اداري جي اجتماعي مفادن جواونو رکڻ گهرجي. 4 .وقت جو بهتر استعمال: هڪ ڪالڪ ۾ سٺ منٽ ڪم ڪر ڻ )وٺڻ( جي صالحيت ۽ مؤثر انداز سان ڪم ڪرڻ ترقي جي رفتار کي تيز ڪري ٿو. 5 .فيصلي جي قوت: مختلف معاملن جو منطقي انداز ۾ جائزو وٺڻ ۽ اداري جي گڏيل مفادن تحت بامقصد فيصلو ڪرڻ جي قوت. 6 .رٿا بندي: پنهنجي ذات، پنهنجي شعبي ۽ پاڻ سان الڳاپيل ماڻهن جي ڪم، صالحيتن ۽ آڏو آيل ڪم کي نظر ۾ رکندي، حقيقت پسندي واري رٿابندي ۽ ان تي عمل ڪر ڻ الِء بهتر ر ٿائون جو ڙڻ ۽ جائز و و ٺڻ الِء نگراني جو طريقو، ڪاميابي الِء بنيادي اهميت رکي ٿ و . 7 .ڪم جي تڪميل: ماڻهن کي پرکي، انهن جي تربيت ڪري ۽ پنهنجو ڪن ٽرول ختم ڪرڻ کانسواِء ڪم کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي صالحيت. 8 .ڌيان سان ڪم ڪرڻ: بنا نٽائڻ جي ڪم پوري ڌيان سان ڪرڻ. 7 9 .مهارت: ٽيڪن يڪي صالحيت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌاري الِء الڳاپيل معاملن جو باقاعدگي سان مطالعو. 10 .ايمانداري: ايمانداري ۽ ديانتداري سان ڪم. 11 .احساس: اجائي ٿڪاوٽ کان سواِء روزمره جي ڪ م کي انهي ڏينهن ڪاميابيَء جي احساس سان پورو ڪرڻ جي صالحيت. مٿي ڄاڻايل نقطن کي نظر ۾ رکندي جڏهن اسين پنهنجي ڌنڌي، ڪاروبار يا مالزمت ۾ عملي طور ڪوششون ڪندا سين ته پڪ سان اسين به دنيا جي مثالي ۽ ناميارن انسانن ۾ ڳڻيا ويندا سين.