بئي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان طرفان سرپرائز ڏيندڙ رانديگرن بابت اڳڪٿي ڪئي آهي.
آءِ سي سي ريويو ۾ آسٽريليا کي ٻه ڀيرا ورلڊ چيمپيئن بڻائيندڙ اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جاري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ بابر اعظم جي قيادت هيٺ پاڪستاني ٽيم کي هڪ مضبوط ٽيم قرار ڏنو آهي.
رڪي پونٽنگ چيو ته بابر اعظم جي قيادت ۾ پاڪستاني جي نا تجربيڪار ٽيم ڏاڍي متوازن نظر اچي رهي آهي جنهن جي ٽاپ آرڊر ۾ هڪ نوجوان بيٽر( صائم ايوب) پڻ شامل آهي جيڪو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته 2022 ۾ آسٽريليا ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل تائين ڪواليفاءِ ڪندڙ پاڪستاني ٽيم وٽ هن دفعي بهتر ڪرڻ ۽ 2009 واري ڪارڪردگي ورجائڻ جو موقعو آهي.
رڪي پونٽنگ چيو ته ڪپتاني ڪجهه ماڻهن تي ٺهڪندي آهي ۽ ڪجهه تي نه، اسان ڏٺو آهي ته ڪيئي بهترين رانديگر سٺا ڪپتان ثابت نه ٿيا، جڏهن اوهان ڪپتان هوندا آهيو ته اوهان کي سڀ شيون ڏسڻيون پونديون آهن، اوهان کي پنهنجي راند به ڏسڻي پوندي آهي ۽ پنهنجي رانديگرن کي به ڏسڻو پوندو آهي، ڪجهه ماڻهو انهن شين کي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ بهتر نموني سنڀالي وٺندا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن بابر اعظم جو رڪارڊ ڏٺو وڃي ته ڪپتان طور سندس ڪارڪردگي هيٺ آئي آهي پر مان سمجهان ٿو ته هن ان مان گهڻو ڪجهه سکيو هوندو.
ٻئي پاسي شاهين شاهه آفريدي ليڊر طور دنيا کي متاثر نه ڪري سگهيو انڪري جڏهن اوهان عالمي ڪپ لاءِ وڃي رهيا آهيو ته اوهان وٽ بابر اعظم جهڙو رانديگر موجود آهي ته اوهان کي هڪ سيٽ ٽيم سان گڏ ميدان تي لهڻ گهرجي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ جو دارومدار بابر اعظم، محمد رضوان تي ئي هوندو پر رڪي پونٽنگ سمجهي ٿو ته اوپننگ بيٽر صائم ايوب به ٽورنامينٽ ۾ سرپرائز ڏيندو.
صائم ايوب ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کان اڳ آئرلينڊ خلاف سيريز ۾ محمد رضوان سان اننگز جي شروعات ڪئي ۽ رڪي پونٽنگ سمجهي ٿو ته صائم ايوب ميگا ايونٽ دوران نگاهن جو مرڪز هوندو.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان چيو ته صائم ايوب کي آسٽريليا ۾ ڏٺو هو، ان وقت مون کي سندس بابت ڪا ڄاڻ نه هئي.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن سڊني ٽيسٽ دوران ڪامينٽري لاءِ ويٺس ۽ مون صائم جي پي ايس ايل جو رڪارڊ ڪڍيو ته تمام گهڻو متاثر ٿيس.
هن چيو ته صائم ايوب هڪ مڪمل اوپنر آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته هو مستقبل ۾ اسٽار بڻجڻ وارو آهي.
جڻ وارو آهي.
ورلڊ ڪپ: رڪي پونٽنگ جي پاڪستاني رانديگرن بابت اهم اڳڪٿي
with
no comment