لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ڊسپلنري ڪميٽي جي جوڙجڪ جي حوالي سان نشر ٿيندڙ خبرون جي سختي سان ترديد ڪئي آهي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته نه ڊسپلنري ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڪرڪيٽر خلاف ايڪشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پي سي بي موجب، ڪميٽي جي جوڙجڪ ۽ رپورٽ ٺاهڻ جو ٽاسڪ ڏيڻ جي حوالي سان خبرون بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن.
پي سي بي جو اِهو به چوڻ آهي ته رانديگرن تي پابندي لڳائڻ ۽ ڏنڊ مڙهڻ واري خبر هٿ ٺوڪي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اِها خبر سامهون آئي هئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ دوران ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪرڪيٽرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪرڪيٽرن کي سزائون ڏيڻ جو فيصلو؟ پي سي بي جو موقف اچي ويو
with
no comment