cm with bilawal

“ڪجهه وزير فون به نه ٿا کڻن“ وڏي وزير جا بلاول آڏو شڪايتن جا انبار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ۾ پيپلز پارٽي جي وزيرن وچ ۾ ٽي ٽولا پيدا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير بلاول ڀٽو زرداري آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي موجب سنڌ ڪابينا ۾ ٽي ڌڙا سامهون اچي ويا، جن مان هڪ جو تعلق وڏي وزير مراد علي شاهه جو آهي، جڏهن ته ٻيو مخالف ۽ ٽيون مڪمل خاموش آهي. وڏي وزير بلاول ڀٽو کي صوبائي وزيرن جي شڪايت ڪندي چيو ته ڪجهه وزير منهنجو فون به نه کڻندا آهن. اندروني ڪهاڻي موجب بلاول ڀٽو ٽنهي وزيرن جي ڪارڪردگيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن جي واکاڻ ڪئي. پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو گهرو وزارت، توانائي ۽ تعليم واري وزارت جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت ٺهڻ کان وٺي ٽرانسفر پوسٽنگ جي پويان سڀني جو هٿ آهي، اسيمبلي ميمبر مقامي اسڪولن جي استادن جي مرضي تي عمل ڪرڻ چاهين ٿا. بلاول ڀٽو محمد بخش کي مخاطب ٿيندي چيو ته اينٽي ڪرپشن جا ڪيس بنا ڪنهن دٻاءَ جي هلايا وڃن، شروع ۾ ڪم ڪندا ته مسئلا ايندا ۽ پوءِ سڀ ڪجهه پاڻ ٺيڪ ٿي ويندو.

Tags: No tags

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *