نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس چيو آهي ته مودي 9 جون تي ٽيون ڀيرو وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻندو.
نئين حڪومت جي قيام تي بي جي پي ۽ اتحادي پارٽين وچ ۾ حتمي ڳالهيون جاري آهن.
ڀارتي صدر دروپدي مرمو مودي کي حڪومت سازي جي دعوت ڏني آهي.
نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اجلاس ۾ نريندر مودي اپوزيشن تي تنقيد ڪئي ۽ ڪانگريس پارٽي کي نالو وٺي نشانو بڻايو.
ياد رهي ته بي جي پي 2024 جي عام چونڊن دوران لوڪ سڀا ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ 240 سيٽون حاصل ڪري سگهي آهي جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ 272 سيٽون گهربل هونديون آهن ان لاءِ مودي اتحادين تي ڀاڙي رهيو آهي
نريندر مودي سڀاڻي ٽيون ڀيرو وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻندو
with
no comment